سيف بخاري اڪيڊمي هالا

سيف بخاري اڪيڊمي، هالا: هن علمي، ادبي تنظيم جو بنياد 16 مارچ 1997ع تي هالا ۾ رکيو ويو. هن جي باني ميمبرن ۾ امتياز ابڙو، منوج ڪمار، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڪوثر هالائي، راجا امجد بلوچ، اياز احمد ميمڻ، جاويد لاڙڪ ۽ نصيرالدين شاهه بخاري شامل آهن. هن تنظيم جو بنياد نوجوان شاعر سيد سيف بخاريءَ جي شهادت کانپوءِ سندس ياد ۾ رکيو ويو. هن تنظيم جي مقصدن ۾ نون لکندڙن جي لکڻين کي ادبي ڪلاسن ۽ تعميري تنقيد جي ذريعي بهتر بڻائڻ، هالا جي ختم ٿيندڙ ادبي ماحول کي ٻيهر جيئارڻ خاطر ٽماهي مشاعرا ۽ ادبي سيمينار ڪرائڻ، هالا جي مالي حوالي سان ليکڪن جي لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ، ننڍي خواه وڏي پئماني تي ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ ڪتابي ميلا لڳرائڻ، شهيد سيف بخاري تنها جي لکڻين کي شايع ڪرائڻ شامل آهي.
هن اڪيڊميءَ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ٽن باني ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي مقرر آهي، جنهن بعد ٻين ميمبرن سان عهديدار چونڊيا ويندا آهن. خاطر هڪ پڌرنامو ۽ عبوري آئين اڪيڊميءَ جي ٽن باني ميمبرن جو رکيو، ان بعد عهديدار چونڊيا ويا. اهڙيءَ طرح هن اڪيڊميءَ پنهنجي قيام کانپوءِ پندرهن روزه ادبي ڪلاس هلائڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ نون لکندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي هئي. ان کانسواءِ هن اڪيڊمي پنهنجي محدود مالي وسيلن هوندي به مئي 1997ع ۾ شهيد سيف بخاريتنها‘ جو شعري مجموعو ’سرس آهي سونهن ۾‘ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ اڪيڊمي ننڍا مشاعرا، ادبي گڏجاڻيون ۽ سنڌي ادبي ادارن ۽ اديبن ڏانهن پڻ مختلف موضوعن تي خط و ڪتابت جاري رکندي پئي اچي. ان کانسواءِ هن اڪيڊميءَ طرفان هڪ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ناياب ڪتاب ۽ قلمي نسخا موجود آهن.


لفظ سيف بخاري اڪيڊمي هالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو